آمريڪا ۾ وچ مدي واري چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، شروعاتي نتيجن موجب ريپبليڪنس ڊيموڪريٽس تي واضح سرسي حاصل ڪري ورتي آهي

آمريڪا ۾ وچ مدي واري چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، شروعاتي نتيجن موجب ريپبليڪنس ڊيموڪريٽس تي واضح سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

آمريڪي ايوان نمائندگان جي سمورين يعني 4 سئو 35 سيٽن، سينيٽ جي 36 سيٽن ۽ 36 رياستن ۾ گورنرز جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي.

شروعاتي نتيجن موجب ريپبليڪن پارٽي سينيٽ ۾ 52 سيٽون حاصل ڪري اڪثريت ۾ اچي وئي، جڏهن ته ڊيموڪريٽس 46 سيٽون حاصل ڪري سگهي.

سينيٽ جي 36 سيٽن مان ريپبليڪن پارٽي جي اينڊي بير، الروجرز، مچ ميڪ ڪونل ۽ ٽام ڪيٽن سميت 15 اميدوارن ۽ ڊيموڪريٽس جي اليسن گرائمس سميت 8 اميدوارن کي ڪاميابي  ملي آهي.

وچ مدي وارين چونڊن ۾ ريپليڪن پارٽي ڊيموڪريٽس کان اهڙيون 7 سيٽون کسي ورتيون آهن، جيڪي گذريل ڀيري ڊيموڪريٽس وٽ هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*