پنو عاقل ويجهو بجلي ڪاٽڻ تان ڳوٺاڻن ۽ سيپڪو ملازمن وچ ۾ جهيڙي درران 2 ملازم زخمي ٿي پيا

pano akil

پنو عاقل ويجهو بجلي ڪاٽڻ تان ڳوٺاڻن ۽ سيپڪو ملازمن وچ ۾ جهيڙي درران 2 ملازم زخمي ٿي پيا، سيپڪو عملدارن جو چوڻ آهي ته ڳوٺاڻن خلاف حملي جو ڪيس داخل ڪرايو ويندو.

ڳوٺ عزيزالله مهر ۾ بجلي ڪاٽڻ تان سيپڪو ٽيم ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران سيپڪو ملازم ايران، اسلم زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي زخمي ٿيل سيپڪو ملازمن کي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

ايس ڊي او امجد قريشي جو چوڻ هو ته بقايا وصول ڪرڻ لاءِ ويل سيپڪو ٽيم تي ڳوٺاڻن حملو ڪري ٻن ملازمن کي زخمي ڪيو آهي، ملوث ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*