پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڀني جو هڪ ئي پيغام آهي ته کپي کپي پاڪستان کپي

Bilawal Malir

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڀني جو هڪ ئي پيغام آهي ته کپي کپي پاڪستان کپي، ملير جي مختلف علائقن جي دوري ۽ ڪارڪن کي خطاب دوران  بلاول “هي شهر ڪراچي ڪنهن جو، ڀٽو جو”، “گلي گلي ۾ شور هي نوازشريف چور هي” ۽ “ڪرپشن ڪي سردار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” جا نعرا به هڻايا.

بلاول ڀٽو زرداري ملير، قائد آباد ۽ ڀينس ڪالوني جو دورو  ڪيو.

سلمان ٽاور پهچڻ تي پ پ ڪارڪنن پنهنجي محبوب قائد جي پرجوش آجيان ڪندي مٿس گلن جي ورکا ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ تي هو ملير ۽ ڪراچي جي عوام جو ٿورائتو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀني جو هڪ ئي پيغام آهي ته کپي کپي پاڪستان کپي.

پ پ چيئرمين وفاقي سرڪار خلاف “جو مودي ڪا يار هي غدار غدار هي،  ڪرپشن ڪي سردار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو ۽ گلي گلي ۾ شور هي نواز شريف چور هي” جا نعرا به هڻايا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*