ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ کي نوٽيس جاري ڪندي

larkan chnda case

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ کي نوٽيس جاري ڪندي سول اسپتال ۽ شيخ زيد اسپتال  جي عملي پاران مريضن کان علاج ۽  ٽيسٽن جا پيسا وٺڻ تي ٽن ڏينهن اندر وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو هڪ شهري نادر علي پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو درخواست جي ٻڌڻي دوران چيو ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي جڊيشل آفيسرن توڙي هُو پاڻ مختلف اسپتالن جا اوچتا دورا ڪندا رهيا آهن.

عدالت پاران جاري ڪيل نوٽيس موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد ججز سول اسپتال لاڙڪاڻو، شيخ زيد چلڊرن هاسپيٽل، شيخ زيد وومين اسپتال، سي ايم سي سٽي بلاڪ، سي ايم سي ٽيچنگ اسپتال ۽ او پي ڊي جا ٻيهر اوچتا دورا ڪيا.

اسپتالن جي دورن دوران غريب مريضن ۽ سندن وارثن شڪايتون ڪيون ته اسپتالن جي انتظاميه دوائن ۽ ٽيسٽن لاءِ به پئسه وصول ڪيا وڃن ٿا ۽ اڪثر دوائون مخصوص ميڊيڪل اسٽورز تان وٺي اچڻ لاءِ لکي ڏنيون وڃن ٿيون.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مريضن شڪايتون ڪيون ته اسپتال جو عملو کانئن سي ٽي اسڪين، برين ٽيسٽ، ڇاتي، پيٽ جي ٽيسٽن، رت جي ٽيسٽ سميت ايڪسري ۽ ٻين ٽيسٽن توڙي ويم ڪرائڻ جا به ڏوڪڙ وصول ڪيا وڃن ٿا.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدلغفور ڪلهوڙي ڄاڻايل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي ٽن ڏينهن اندر لکت ۾ جواب طلب ڪندي چيو ته، ٻڌايو وڃي ته سرڪاري اسپتالن کي سنڌ حڪومت پاران صحت کاتي ذريعي غريب مريضن جي علاج لاءِ معقول بجيٽ ملڻ باوجود مريضن کان ڪهڙي قانون تحت پيسا ورتا پيا وڃن.

نوٽيس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايم ايس عدالت کي جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو ته اهو سمجهيو ويندو ته پنهنجي دفاع ۾ وٽس ڪجهه نه آهي ۽ سندس خلاف قانون موجب ڪارروائي هلائي ويندي.

20 سيپٽمبر تي جاري ڪيل نوٽيس تي ايم ايس سي ايم سي کي ٽن ڏينهن اندر عدالت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جي مهلت ڏني وئي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*