چونڊڪو جي ڳوٺاڻن گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي وڃڻ بعد سهائتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو

nuro 2

چونڊڪو جي ڳوٺاڻن گهرن کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي وڃڻ بعد سهائتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

چونڊڪو جي ڳوٺ محبت ڀنڀرو ۾ 2 ڏينهن اڳ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻن جا 8 گهرن کي باهه لڳڻ سبب سندن الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو هو.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن علي شير، طالب حسين، محمد خان، احمد خان، مير ۽ محمد بخش ڀنڀرو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته، سندن گهرن کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ ڪري 8 گهر سڙي ويا.

هنن چيو ته باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سندن الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو ۽ هاڻي هُو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، اڃا تائين چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميه سندن سار ناهي لڌي.

هنن مطالبو ڪيو ته اجها ٺاهڻ لاءِ سندن مالي سهائتا ڪيا وڃي، جيئن هُو پنهنجي ٻچڙن  کي پنهنجن گهرن ۾ رهائي سگهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*