اسڪول جي عمارت تي قبضو ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تدريسي عمل کان محروم ڪيو ويو ڊاڪٽر عشرت العباد

ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني واري علائقي ۾ بااثر ماڻهن پاران ٻن سرڪاري اسڪولن جي عمارتن کي ڊاهي قبضو ڪرڻ وارو معاملو شدت اختيار ڪري ويو آهي، الطاف حسين پاران اسڪولن تان قبضو خالي ڪرائڻ واري ڌمڪي کانپوءِ گورنر متاثر اسڪولن جو دورو ڪري فوري طور قبضو خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

شاهه فيصل ڪالوني ۾ بوائز پرائمري ۽ گرلز پرائمري اسڪول جي عمارتن تي قبضي کانپوءِ شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڄ تعليم حاصل نه ڪري سگهيون.

بااثر ماڻهن اسڪول جي عمارتن کي ڊاهي اڏاوت ڪئي آهي، اهڙي خبر ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، سنڌ جي گورنر عشرت العباد سان فون تي رابطو ڪري فوري طور قبضو ختم ڪرائڻ يا کيس استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو.

الطاف حسين جي ڌمڪي کانپوءِ گورنر عشرت العباد متاثر اسڪولن جو دورو ڪري مقامي انتظاميا کي فوري طور قبضو ختم ڪرائڻ ۽ اسڪولن جي تعمير جو حڪم ڏنو.

گورنر چيو ته اسڪول جي عمارت تي قبضو ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تدريسي عمل کان محروم ڪيو ويو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

هن موقعي تي اسڪول جي پرنسپال کيس بريفنگ ڏني، جنهن تي گورنر اسڪول جي عمارت جي هڪ حصي ۾ تدريسي عمل هلائڻ ۽ ٻي حصي جي فوري تعمير جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*