جوهي جي ڳوٺ جمع ڪنگراڻي جي رهواسي ڳوٺاڻن عورتن ۽ ٻارڙن سميت پوليس جي مبينه زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

johi villager pro

جوهي جي ڳوٺ جمع ڪنگراڻي جي رهواسي ڳوٺاڻن عورتن ۽ ٻارڙن سميت پوليس جي مبينه زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ڳوٺاڻن گل محمد ڪنگراڻي، مسمات نصيبان، مهناز، زبيده ڪنگراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته بااثر شخص ديهه جوهي ۾ سندن زرعي زمين تي زبردستي قبضو ڪرڻ لاءِ پوليس موڪلي گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن جي تذليل ڪرڻ بعد هڪ نوجوان صالح ڪنگراڻي کي گرفتار ڪرايو آهي.

ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته بااثر ۽ پوليس جي نا انصافين جو فوري طور نوٽيس وٺي بيگناهه گرفتار ڪيل ڳوٺاڻي کي آزاد ڪرايو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*