ڄامشوري شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ٻئي ڏينهن به سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين پاران احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

jhamshoro ehtihad pro

ڄامشوري شهر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ٻئي ڏينهن به سياسي، سماجي ۽ قومپرست ڌرين پاران احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ڄامشورو اتحاد جي سڏ تي محمد قمبراڻي، سومر خان جمالي، حافظ بخشل سهيڙو، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلوي فاٽڪ تي احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

اڳواڻن چيو ته ڄامشوري شهر جون سموريون آباديون مسئلن جو ڳڙ بيڻل آهن، چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ڪري هڪ لک کان وڌيڪ شهري تڪلفين جو شڪار آهن

 هنن چيو ته شهر جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جا انتظام سرڪاري سطح تي هجڻ باوجود پاڻي جي هٿراو بحران معمول بڻيل آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته شهر جي ڊرينج جو نظام مڪمل طور تباهه هجڻ ۽ صفائي جا ڪي به انتظام نه هجڻ ڪري هر طرف گندگي جا ڍير ۽ نالين جو پاڻي بيٺ آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته شهر جا بنيادي مسئلا فوري طور حل ڪري هتان جي عوام سان انصاف ڪيووڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*