نيوزيلينڊ جي ٽيم جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ ۽ مچل سانٽنر جي بهترين بالنگ سبب ڀارتي ٽيم پهرين اننگ ۾318رنز اسڪور ڪري سگهي

India-Vs-Newzeland-23916

نيوزيلينڊ جي ٽيم جي فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ ۽ مچل سانٽنر جي بهترين بالنگ سبب ڀارتي ٽيم پهرين اننگ ۾318رنز اسڪور ڪري سگهي.

ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ڪانپور ۾ جاري آهي.

ڀارتي ٽيم پهرين اننگ ۾ 318رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ مرلي وجه 65، پوجارا 62، ايشون 40۽روهت شرما 35رنز اسڪور ڪيون.

ڪيوي ٽيم پاران فاسٽ بالر ٽرينٽ بولٽ ۽سانٽنر 3-3، واگنر 2، جڏهن ته گريگ ۽سوڌي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي فاسٽ مچل سانٽنر چيو ته ڀارتي اننگ ۾ مرلي وجه ۽پوجارا سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته کين آئوٽ ڪرڻ لاءِ ڪيتريون تبديليون ڪيون ۽ ٻنهي بيٽمسنن مٿان دٻاءِ وڌو،جنهن سبب ڀارتي ٽيم کي جلدي آئوٽ ڪيو.

ان موقعي تي ڀارتي ٽيم جي بيٽسمين مرلي وجه چيوته کيس ففٽي اسڪور ڪرڻ تي خوشِي ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*