انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل بار بار ڊسپلين جي خلاف ورزي ڪندڙ رانديگرن کي سبق سيکارڻ لاءِ ڊي ميرٽ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو

ICC-23916

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل بار بار ڊسپلين جي خلاف ورزي ڪندڙ رانديگرن کي سبق سيکارڻ لاءِ ڊي ميرٽ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي رانديگر ڏنڍ ڀري جان ڇڏائي نه سگهندا.

آءِ سي سي جو ڊي ميرٽ سسٽم گذريل ڏينهن کان لاڳو ڪيو ويو آهي اڄ کان رانديگرن جا ڊي ميرٽ پوائنٽس جمع ٿيندا ۽ ٻن سالن جي پڄاڻي تي ڊي ميرٽ پوائنٽس سسپينشن پوائنٽس ۾ تبديل ٿي ويندا.

رانديگر کي ڪوڊ آف ڪنڊيڪٽ جي خلاف ورزي تي هڪ کان اٺ ڊي ميرٽ پوائنٽ ڏنا ويندا.

ٻن سالن جي پڄاڻي تي چار کان ست ڊي ميرٽ پوائنٽس تي ٻه سسپينشن، اٺ کان يارينهن پوائنٽس تي چار سسپينشن پوائنٽس ۽ ٻارنهن کان وڌيڪ ڊي ميرٽ پوائنٽس تي ڇهه سسپينشن پوائنٽس ڏنا ويندا.

سسپينشن پوائنٽس جو مطلب آهي هر ٻن سسپينشن تي رانديگر کي هڪ ٽيسٽ يا محدود اوورس جي ميچز لاءِ معطل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*