پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪتپان ثناءِ مير جو چوڻ آهي ته ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو کيس ڪپتان ڏسڻ نٿا چاهن جنهن سبب اهي تنقيد ڪري رهيا آهن

Sana-Mir-Pakistan-Team-Women-23916

پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪتپان ثناءِ مير جو چوڻ آهي ته ميڊيا جا ڪجهه ماڻهو کيس ڪپتان ڏسڻ نٿا چاهن جنهن سبب اهي تنقيد ڪري رهيا آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان چيو ته سندس ڪپتاني ڇڏڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي.

ثناءِ مير چيو ته ٽيم ۾ تبديلين جو حق پي سي بي چيئرمين کي آهي ۽ پر هو پنهنجي مخالفت سبب ڪپتاني کان ڌار نه ٿيندي.

هن چيو ته هن وقت سندس سمورو ڌيان ٽيم جو بيڪ اپ تيار ڪرڻ تي کتل آهي ۽ هوءَ اڃان ٽيم جي نمائندگي ڪندي رهندي.

پاڪستان وومن ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪٽر فرخ زمان پڻ ثناءِ مير جي قيادت جو دفاع ڪندي چيو ته ايندڙ سال جون مهيني ۾ رٿيل ورلڊڪپ تائين ثناءِ مير جي تبديلي ڪو ڪوبه امڪان نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*