انگلينڊ خلاف واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ قومي ٽيم اڄ ٽي-ٽوئنٽي فارميٽ جي عالمي چيمپيئن ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ مهاڏو اٽڪائي رهي آهي

Srfraz-Pakistan-Cric-23916

انگلينڊ خلاف واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ قومي ٽيم اڄ ٽي-ٽوئنٽي فارميٽ جي عالمي چيمپيئن ويسٽ انڊيز خلاف ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ مهاڏو اٽڪائي رهي آهي، قومي ٽيم جو ڪپتان سرفراز احمد ٽيم جي ڪاميابي لاءِ گهڻو پراميد آهي.

ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ دبئي اسپورٽس سٽي اسٽيِڊيم ۾ کيڏي ويندي.

ٻنهي ٽيمن گذريل چئن ڏينهن کان ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم اسٽار ڪرس گيل ۽آندري رسل جي غيرموجودگي باوجود آسان حريف ثابت نه ٿيندي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ايون لوئس جهڙو بيٽسمين موجود آهي،جنهن ڀارت خلاف 48 بالن تي ڇهين تيز ترين سنچري اسڪور ڪئي.

قومي ٽيم انگلينڊ جي دوري تي واحد ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ قومي ٽيم بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ مجموعي طور تي چار ٽي-ٽوئنٽي ميچز ٿي چڪيون آهن،جن مان ٻنهي ٽيمن ٻه-ٻه ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*