شهيد بينظير يونيورسٽي لاڙڪاڻي انتظاميا آصفا ڊينٽل ڪاليج ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن جو معاملو پي ايم ڊي سي سان اڪلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

lrk uni

شهيد بينظير يونيورسٽي لاڙڪاڻي انتظاميا آصفا ڊينٽل ڪاليج ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن جو معاملو پي ايم ڊي سي سان اڪلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪاليجن جي داخلائن کي به رجسٽريشن سان مشروط ڪيو ويو آهي.

شهيد بينظير يونيورسٽي لاڙڪاڻي انتظاميا جو اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر اصغر چنا جي صدارت ۾ٿيو، جنهن ۾ آصفا ڊينٽل ڪاليج ۽ غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلائن کي رجسٽريشن سان مشروط ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته 30 آڪٽوبر کان پهرين رجسٽريشن جو معاملو حل ڪرايو ويندو.

وائيس چانسلر پروفيسر اصغر چنا ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته پي ايم ڊي جا اعتراض  ۽ خدشا درست آهن، ٻنهي ڪاليجن جي رجسٽريشن پي ايم ڊي سي کان پهرين نه ورتي وئي، ان ڪري مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هن چيو ته آصفا ڊينٽل ڪاليج جي فيڪلٽي کي پورو ڪرڻ لاءِ 2 آڪٽوبر تي ڀرتيون ڪيون وينديون.

چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ جو چوڻ آهي ته آصفا ڪاليج جي شاگردن جي هائوس جاب لاءِ سنڌ حڪومت کان 50 آفسرن جي ڀرتي لاءِ سيڪريٽري کي ليٽر لکيو آهي.

ٻئي طرف شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي انتظاميا جي اجلاس دوران آصفا ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن احتجاج ڪيو، ان بعد شاگردن جي وفد وائيس چانسلر سان ملاقات ڪري پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پي ايم ڊي سي کان رجسٽريشن بنا نومبر ۾ ٿيندڙ امتحان ۾ حصو نه وٺندا.

وائيس چانسلر پروفيسر اصغر چنا شاگردن کي سندن مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*