ڀارت جي انتها پسند هندو تنظيم مهاراشٽرا ناوَنــِرمن سينا کانپوءِ شـــِوَ سينا به ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني اداڪارن ۽ فنڪارن کي 48 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو الٽيمٽم ڏيندي چيو آهي

india pakistan actor

ڀارت جي انتها پسند هندو تنظيم مهاراشٽرا  ناوَنــِرمن سينا کانپوءِ شـــِوَ سينا به ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني اداڪارن ۽ فنڪارن کي 48 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو الٽيمٽم ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني فنڪار ڀارت مان نه نڪتا ته کين زوري ڪڍيو ويندو.

اڙي حملي کانپوءِ ايم اين ايس جي اڳواڻ ايمي کوپر جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ سمورا فنڪار 48 ڪلاڪن اندر پنهنجي ملڪ واپس نه ويا ته کين مارڪٽ ڪري ڪڍيو ويندو ۽ انهن پروڊيوسرن ۽ ڊائريڪٽرن کي به مار ڏني ويندي، جيڪي پاڪستانين کي ڪم ڏين ٿا.

ايم اين ايس جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بالي ووڊ فلم “اي دل هي مشڪل” توڙي شاهه رخ خان جي فلم “رئيس” کي رليز ٿيڻ به ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ ته انهن فلمن جي ڪاسٽ ۾ پاڪستاني اداڪار شامل آهن.

ايم اين ايس انتها پسند تنظيم شيو سينا جي اڳوڻي سربراهه بال ٺاڪري جو ڀٽيجي راج ٺاڪري پنهنجي سوٽ اُڌَي ٺاڪري سان اختلافن کانپوءِ ٺاهي هئي.

ٻئي پاسي شيو سينا جي ايم پي  سنجي راوت به ساڳئي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سان سمورا ناتا ٽوڙڻ گهرجي ۽ پاڪستاني اداڪارن کي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

هي پهريون ڀيرو نه آهي جو ڀارتي انتهاپسندن پاڪستاني فنڪارن کي ڌمڪيون ڏنيون هجن، ان کان اڳ استاد غلام علي جو ڪنسرٽ به ملتوي ڪرايو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*