وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 22 آگسٽ واري واقعي کانپوءِ جيو فينسنگ ذريعي بئنڪس ۾ موجود ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو

sindh assembly

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 22 آگسٽ واري واقعي کانپوءِ جيو فينسنگ ذريعي بئنڪس ۾ موجود ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، بئنڪون سنڌ حڪومت جي ماتحت نه آهن، جنهنڪري حاضري چيڪ نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي ٻي مداخلت ڪري سگهجي ٿي.

سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران تعليم کاتي سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

سوالن جوابن جي وقفي دوران نصرت سحر عباسي چيو ته 2013ع جا سوال هاڻي اچي رهيا آهن ته 2016ع جا سوال ڪڏهن ايندا.

هن چيو ته تعليم کاتي ۾ گهوسٽ ٽيچرز جي ڀرمار آهي، ڪيترائي ماڻهو پرڏيهه ۾ ويٺل آهن پر کاتو ماهوار پگهارون جاري ڪري رهيو آهي، وزير ۽ سيڪريٽري ٻڌائين ته ڪيترا دورا ڪيا آهن.

نصرت سحر عباسي ۽ تعليم واري وزير ڄام مهتاب ڏهر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

پ پ ايم پي اي مير نادر مگسي چيو ته سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڪيترن ئي مهينن کان قمبر-شهدادڪوٽ جا استاد پگهارن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، گهوسٽ استادن جون پگهارون ڀلي روڪيون وڃن پر باقي استادن کي پگهارون جاري ڪيون وڃن، جنهن تي ڄام مهتاب ڏهر چيو ته انهيءَ معاملي تي اڳ ئي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان ڌيان ڇڪايو ته بئنڪن سميت مختلف ادارن ۾ دهشتگرد عنصر مقرر ٿيل آهن، ٿي سگهي ٿو ته اهي دهشتگردن کي فنڊنگ ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجن.

هن چيو ته ڊي جي رينجرز جو بيان به رڪارڊ تي موجود آهي، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته اهڙن ماڻهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه پي ٽي آءِ ميمبر جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته هــُو ڊي جي رينجرز جي بيان جي وضاحت نه ڪندو، 22 آگسٽ واري واقعي جي جيو فينسنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ پتو پيو ته ڪجهه ماڻهو بئنڪ اندر موجود هئا.

وڏي وزير چيو ته بئنڪ جو عملي جي حاضري سنڌ حڪومت چيڪ نه ڪندي آهي ۽ نه ئي بئنڪون صوبائي حڪومت جي ماتحت آهن.

اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ميمبر رئوف صديقي چيو ته سينٽرل جيل ۾ قيدين کان روزانو معلومات ملي ٿي ۽ ملاقاتون ٿينديون آهن، سندن مسئلا ٻڌي کين پنهنجو ڏک سور وسري ويو آهي.

رئوف صديقي آغا سراج دراني کي مخاطب ٿي چيو ته اسپيڪر صاحب اوهان بولڊ فيصلا ڪريو ٿا ۽ جيل ۾ مقبول آهيو، جيل ۾ موجود سياسي قيدين جا خط وڏي وزير ۽ اوهان کي ڏنا آهن، سياسي قيدين جي آزادي ضروري آهي.

خواجا اظهار الحسن اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته جيلن ۾ بيگناهه سياسي قيدين جو تعداد هزارن ۾ آهي، جن جي آزاديءَ لاءِ وڏا فيصلا ڪرڻا پوندا.

اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه  پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز شرجيل ميمڻ ۽ سيد اويس مظفر جي موڪل واري درخواست جمع ڪرائي، جيڪا منظور ڪئي وئي.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*