هالاڻي ۾ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري دڪانن ۾ ڪاهي پئي

halani hadso

هالاڻي ۾ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري دڪانن ۾ ڪاهي پئي، جنهن جي نتيجي ۾5 ڄڻا فوت ۽ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 11 مسافر زخمي ٿي پيا، پوليس موجب فوتين ۽ زخمين جو تعلق رحيم يار خان سان آهي، جن جا مڙهه رحيم يار خان روانا ڪيا ويا.

رحيم يار خان کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ هالاڻي اسٽاپ وٽ نشي ۾ ڌت ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري دڪانن سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ 5 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻارن ۽ عورتن سميت  11  مسافر سخت زخمي ٿي پيا.

علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ امدادي ڪارروايون ڪري فوتين جا لاش ۽ گاڏيءَ اندر ڦاٿل زخمين کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس فوتين حادثي جي فوتين اختر سيال، نويد احمد، ڊرائيور محمد  نديم، امتياز عباسي جا لاش اسپتال منتقل ڪري ضروري قانوني ڪارروائي بعد مڙهه رحيم يار خان موڪلي ڇڏيا.

زخمين ۾ ٻارڙي ميمونا، شهزاد، ياسر، ريحان، شميم بيبي، شوڪت علي، حسن محمد، نديم احمد، خالد،  بشير احمد،  وقار ۽ ٻيا شامل آهن، جن جو هالاڻي اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مسافر ڪوچ جو ڊرائيور نشي ۾ هو، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي سندس ڪنٽرول مان نڪري دڪان سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ فوت ٿيل ۽ زخمين جو تعلق رحيميار خان سان آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*