ميمڻ ڳوٺ ۾ حادثي جي متاثرن لاءِ ڪيمپ قائم نه ڪرڻ ۽ انهن جي مدد نه ڪرڻ حڪومت جي نا اهلي جو ثبوت آهي شهريار مهر

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهريار مهر چيو آهي ته ميمڻ ڳوٺ ۾ حادثي جي متاثرن لاءِ ڪيمپ قائم نه ڪرڻ ۽ انهن جي مدد نه ڪرڻ حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهر يار مهر چيو ته حادثن جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ رٿ پيش ڪئي ويندي.

هن چيو ته  صحت واري وزير رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته متاثرن جي مدد لاءِ جناح اسپتال ۾ ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

شهريار مهر چيو ته اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثي کانپوءِ ٽن منٽن ۾ بس سڙي وئي انڪري آئل ٽينڪر ۾ ڪيميڪل هئڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*