لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي پاران پوليو مهم جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو

Larkana-Polio-Relly-24916

لاڙڪاڻي ۾ صحت کاتي پاران پوليو مهم جي حوالي سان جاڳرتا ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن به شرڪت ڪئي.

صحت کاتي پاران  ڊاڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ جي اڳواڻي ۾ شهري سوئي ڪارنو چوڪ کان ريلي ڪڍي گشت شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهتا.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پوليو هو موذي مرض آهي، جنهن جو پاڪستان مان مڪمل طور خاتمو آڻي نئين نسل  کي معزور ٿيڻ کان بچايو ويندو.

اڳواڻن چيو ته 26 سيپٽمبر کان 29 سيپٽمبر تائين هلندڙ پوليو مهم ۾ عوام ڀرپور سهڪار ڪري، ته جيئن ڪو ٻارڙو پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان روهجي نه وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*