لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

Larkana-Gandagi-Protest-24916

لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني ۾ صفائي نه ٿيڻ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي آهي.

يار محمد ڪالوني جي رهواسين عرس ڪلهوڙو، رمضان بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته  ڪيتري ئي عرصي کان يار محمد شاهه ڪالوني ۾ صفائي ناهي ڪئي وئي، جنهن ڪري نالين جو پاڻي روڊن تي اچي ويو آهي.

هنن چيو ته هر گهٽيءَ ۾ گندگي جا ڍير پيل آهن، پر انتظاميه اگهو ننڍ ستل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*