مٺي ۾ صحت کاتي جي 100 کان وڌيڪ ملازمن کي گذريل 14 مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Mithi-Protest-health-Worker-24916

مٺي ۾ صحت کاتي جي 100 کان وڌيڪ ملازمن کي گذريل 14 مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .

صحت کاتي جي ملازمن پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف ٽئين ڏينهن به ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته مٺي ۾ صحت کاتي جي 100 کان وڌيڪ ننڍن ملازمن کي گذريل 14 مهينن کان پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون.

هنن چيو ته پگهارون جاري نه ٿيڻ ڪري هو سخت معاشي پريشانين کي منهن کي منهن ڏئي رهيا آهن، بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود ڪير به سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سمورن ملازمن کي رهيل پگهارون فوري  طور جاري ڪيو وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*