لاڙڪاڻي ۾ رڪشا يونين جي چيئرمين جي گهر مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف رڪشا ڊرائيورن ۽ مزدور فيڊريشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Larkana-Raksha-Union-Protest-24916

لاڙڪاڻي ۾ رڪشا يونين جي چيئرمين جي گهر مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف رڪشا ڊرائيورن ۽ مزدور فيڊريشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

رڪشا ڊرائيور ليبر يونين پاران وطن دوست مزدور فيڊريشن سان گڏ معشوق ٽڳڙ، قادر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ رڪشا يونين جي چيئرمين غلام قادر سومرو جي گهر مان لکين رپين جي چوري ڪئي وئي، پر پوليس اڃان تائين هٿ تي هٿ رکي ويٺي آهي.

هنن چيو ته واقعي جوڪيس داخل ڪرائڻ ۽ جوابدارن جي نشاندهي ٿيڻ باوجود پوليس انهن کي گرفتار نه پئي ڪري،جيڪا نا انصافي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته رڪشا ليبر يونين جي چيئرمين جي گهر ٿيل چوري واپس ڪرائي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*