پشاور ۾ مسلم ليگ نواز جي عورت ونگ تحريڪ انصاف جي رائيونڊ مارچ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

PMLN-Women-Peshawar-24916

پشاور ۾ مسلم ليگ نواز جي عورت ونگ تحريڪ انصاف جي رائيونڊ مارچ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن گليل ۽ ڏنڊا فورس جوڙيندي چيو آهي ته جيڪڏهن سندن مارچ ۾ رڪاوٽ وڌي وئي ته هو مقابلو ڪندا.

پشاور ۾ مسلم ليگ نواز جي عورت ونگ طرفان رائيونڊ مارچ خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم جي گهر ڏانهن مارچ نه ڪيو وڃي.

ٻئي  طرف تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن رائيونڊ مارچ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ گليل ۽ ڏنڊا بردار فورس جوڙي ورتو آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته احتجاج ڪرڻ سندن قانوني حق آهي ان ڪري هو هر صورت ۾ رائيونڊ مارچ ڪندا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*