اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

State-Bank-Pakistan-24916

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ وياج جي شرح 5 ڏهائي 75 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

گورنر اسٽيٽ بئنڪ اشرف محمود وٿرا جي صدارت ۾ مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن انگ اکرن جي جائزي کانپوءِ وياج جي شرح 5 ڏهائي 75 سيڪڙو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اعلان کان اڳ ئي ماهرن وياج جي شرح 5 ڏهائي 75 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جا امڪان ظاهر ڪيا هئا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته وياج جي شرح گهٽ هجڻ باوجود برآمد ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري نه آئي آهي، جنسن ۽ توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود مهانگائي جي شرح وڌي آهي، جڏهن ته مالي سال جي شروعاتي ٻن مهينن ۾ اسٽيٽ بئنڪ کان حڪومت 800 ارب رپيا قرض ورتو آهي ۽ ملڪي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به وڌيو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سمورن سببن کي نظر ۾ رکندي مرڪزي بئنڪ طرفان ايندڙ ٻن سالن لاءِ وياج جي شرح 5 ڏهائي 75 سيڪڙو تي برقرار رکي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*