ڪراچي جي ميئر وسيم اختر خلاف ملڪ دشمن تقريرن ۾ سهولتڪارن واري ڪيس ۾ عبوري چالان پيش ڪيو ويو

Wasim-Akhtar-12May-case-2042-16916

ڪراچي جي ميئر وسيم اختر خلاف ملڪ دشمن تقريرن ۾ سهولتڪارن واري ڪيس ۾ عبوري چالان پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عدالت وسيم اختر خلاف 12 مئي جي ٽن ڪيسز ۾ ضمانت واري درخواست تي فيصلو 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر خلاف عبوري چالان پيش ڪيو، جنهن ۾ متحده باني، ڊاڪٽر فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، خالد مقبول صديقي، سلمان مجاهد ۽ ٻين کي روپوش قرار ڏنو ويو.

عبوري چالان موجب متحده جي باني تقرير دوران عورتن جي حوالي سان غلط لفظ استعمال ڪيا ۽ وسيم اختر تاڙيون وڄائيندو رهيو.

هوڏانهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت 12 مئي سانحي جي ٽن ڪيسز ۾ وسيم اختر جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو 29 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

وسيم اختر خلاف ملير، سچل ۽ ايئرپورٽ ٿاڻي تي 3 ڪيس داخل آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*