پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي ظلم روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، نيويارڪ ۾ ٿيل او آءِ سي جي اجلاس کي خطاب ڪندي

sartaj aziz

پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي ظلم روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، نيويارڪ ۾ ٿيل او آءِ سي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام جي حمايت جاري رکندو.

او آءِ سي جو اجلاس ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ صباح الخالد صباح جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسلامي دنيا کي پيش ايندڙ مسئلن سميت عالمي امن ۽ اقتصادي  صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته عالمي برداري ڪشمير جي آزادي وارو واعدو پورو ڪري، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون وڌي ويون آهن.

سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته برهان واني جي تشدد جي مارجڻ بعد صورتحال تبديل ٿي وئي آهي، تشدد وارين ڪارروائين ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن.

سرتاج عزيز چيو ته اسلامي دنيا کي گهڻا چئلنجز آهن، دهشتگردي جي مقابلي لاءِ گهڻي کان گهڻي تعاون جي ضرورت آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*