ٽنڊي آدم ڀرسان گئس جي پمپنگ اسٽيشن ۾ مرمتي ڪم دوران ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ملازم فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

tando adam gas

ٽنڊي آدم ڀرسان گئس جي پمپنگ اسٽيشن ۾ مرمتي ڪم دوران ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ملازم فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

هالا روڊ تي پمپنگ اسٽيشن  ۾ مرمتي ڪم دوران گئس پائپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي،  جنهن جي نتيجي ۾ حيدرآباد هو رهواسي ٽيڪنيشن زاهد خاصخيلي ٿڏي تي فوت ٿي ويو ۽ 2 هيلپر ڪامل ڳاهو ۽ ماجد ٽالپر سخت  زخمي ٿي پيا.

واقعي کانپوءِ  فوتين جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد جي اسپتال رفر ڪيو ويو آهي.

انتظاميه جو چوڻ آهي ته پمپنگ اسٽيشن ۾ گئس جي ميٽر جو مرمتي ڪم هلي رهيو هو ته  هڪ پائپ لائين ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جنهن سبب واقعو پيش آيو آهي.

گئس جي پائپ لائين ڦاٽڻ سبب سانگهڙ شهر سميت ڪيترن ئي علائقن کي گئس جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*