پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان الطاف حسين کي ڪراچي جو سڀ کان وڏو دهشتگرد قرار ڏيندي چيو آهي

khi imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان الطاف حسين کي ڪراچي جو سڀ کان وڏو دهشتگرد قرار ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي باني ۽ دهشتگردن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، رياستي ادارن مان انصاف نه ملڻ تي احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سنڌ جو راڄڌاني پاڪستان جي سياسي تحريڪن جو اهم مرڪز رهيو آهي، پر بدقسمتي سان دهشتگردن ڪراچي جي سياسي تحريڪن کي ختم ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو دهشتگرد ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين آهي، متحده پاڪستان پنهنجي باني ۽ دهشتگرد ٽولن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.

پاناماليڪس تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته نيب قانون  موجب اسڪينڊل جي جاچ ٿيڻ جي صورت ۾ قوم سان ڪوڙ ڳالهائيندڙ وزير اعظم نواز شريف کي جيل ڀوڳڻو پوندو.

هن چيو ته رياستي ادارن مان انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو دڳَ نه بچي آهي، هو پاناماليڪس جي هر صورت ۾ جاچ چاهين ٿا.

عمران خان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي صلاح ڏيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي نئين پاڪستان لاءِ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

والاريل ڪشمير صورتحال تي ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين تي زور آزمائي رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ناقص هئڻ سبب ملڪ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان کي والاريل ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري آڏو چٽو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*