پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته شڪست کاڌل ذهن پاڪستان ۾ ترقي ڏسڻ نٿا چاهين ۽ انهن جو هدف جو ايندڙ اليڪشن نه پر سي پيڪ رٿا آهي

lahore shabaz sharf

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته شڪست کاڌل ذهن پاڪستان ۾ ترقي ڏسڻ نٿا چاهين ۽ انهن جو هدف جو ايندڙ اليڪشن نه پر سي پيڪ رٿا آهي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته  عوام ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ وارن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيندو.

  شهباز شريف چيو  ته عمران خان  جو هدف 2018ع جون چونڊون نه پر سي پيڪ منصوبو آهي، ترقياتي ڪمن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته ترقي جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ پاڪستان ۾ اچڻ چاهي ٿو، سي پيڪ منصوبي تي ڏينهن رات ڪم هلندڙ آهي.

هن چيو ته سياسي پارٽيون چاهين ٿيون ته ميٽرو بس نه هلي، شڪست کاڌل ذهنن کي ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽ وجهڻ نه ڏينداسين.

پنجاب جي وڏي وزير چيو ته اورنج ٽرين لائين منصوبو جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ کڻي وينداسين، سي پيڪ ۾ شامل منصوبا مهينن اندر بجلي پيدا ڪندا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*