اسٽيٽ بينڪ نيڪٽا جي هدايتن تي دهشتگرد تنظيمن ۽ انهن جي سهولتڪارن جا اڪائونٽ منجمند ڪري ڇڏيا آهن

state bnak

اسٽيٽ بينڪ نيڪٽا جي هدايتن تي دهشتگرد تنظيمن ۽ انهن جي سهولتڪارن جا اڪائونٽ منجمند ڪري ڇڏيا آهن.

نيڪٽا جي هدايتن تي ملڪ ۾ دهشتگرد تنظمين ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ۽ اينٽي ٽيررسٽ ايڪٽ جي  شيڊول 4 تحت ٻه هزار 21 اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا آهن.

اسٽيٽ بينڪ سمورين بينڪن ۽ مالياتي ادارن کي ليٽر لکي دهشتگرد تنظيمن ۽ انهن جي سهولتڪارن جا اڪائونٽ فوري طور تي بند ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.

اسٽيٽ بينڪ کي 15 ڏينهن پهرين شيڊول 4 ۾ ايندڙ ماڻهن جا نالا ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ڏنا ويا هئا.

ميڊيا جي ذريعن موجب اسٽيٽ بينڪ کي موڪليل نالن واري لسٽ ۾ مولوي عبدالعزيز، محسن نجفي، مولوي احمد لڌيانوي، اورنگزيب فاروقي، علامه مقصود ڊومڪي، مولوي قبير، سبطين شيرازي، مرزا علي، رمضان مينگل، شيخ نئير ۽  شاهد بڪڪ جا نالا شامل آهن.

لسٽ ۾ پنجاب جا هڪ هزار 3 سو 43 ماڻهو، سنڌ جا 226، بلوچستان جا 193، گلگت بلتستان جا 106 ۽  اسلام آباد جا 27  ماڻهو شامل  آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي شيڊول 4 ۾ ايندڙ سمورن ماڻهن جي لسٽ جاري نه ٿي آهي، مڪمل لسٽ ۾ 6 هزار 5 سو کان 8 هزار نالا شامل آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*