باقراڻي ۾ قتل ٿيل افضل مجيد چانڊيو جي وارثن لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي

lrk villager pro

باقراڻي ۾ قتل ٿيل افضل مجيد چانڊيو جي وارثن لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.

مقتول افضل چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ تي مقتول جي وارثن بشير چانڊيو جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي مقتول جي ڀاءَ بشير چانديو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڀاءَ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، سندس قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*