پير جو ڳوٺ لڳ فاريسٽ کاتي قبضن خلاف آپريشن ڪري 20 ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا
پير جو ڳوٺ لڳ فاريسٽ کاتي قبضن خلاف آپريشن ڪري 20 ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا، ڪرين جي مدد سان 2 پولٽري فارم ۽ 4 اوطاقون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن.
فاريسٽ آفيسر شعيب چنا ٻيلي کاتي 100 ايڪڙ زمين تي ٿيل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ 4 ٿاڻن جي پوليس جي مدد سان آپريشن ڪرايو.
ڪرين جي مدد سان ٻه پولٽري فارم، 4 اوطاقون ڊاهڻ سان گڏ کجين جو باغ ۽ ڪمند جو فصل تباهه ڪيو ويو.
فاريسٽ آفيسر شعيب چنا جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد آپريشن ڪيو پيو وڃي، جيڪو سمورا قبضا ختم ڪرائڻ تائين جاري رهندو.