قمبر ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ مختلف ڳوٺن جي رهواسين ڊي اي او تعليم ۽ ڊي سي آفيسن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن

kamber pro

قمبر ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ مختلف ڳوٺن جي رهواسين ڊي اي او تعليم ۽ ڊي سي آفيسن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا آهن.

قمبر جي مخلتف ڳوٺن ڳوٺ دينار ٻرڙو ، ڳوٺ صابو ٻرڙو ۽ ڳوٺ ميرپور ٻرڙو جي رهواسين ڳوٺن ۾ 8 سالن کان بند پيل سرڪاري پرائمري اسڪول کوکرائڻ لاءِ ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي شهر پهچي احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺن ۾ بند پيل اسڪول کوليا وڃن.

ڳوٺاڻن عبدالحادي ٻرڙو، شعيب احمد ، مبين ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته چيو ته اسڪول بند هجڻ ڪري سندن سوين ٻار تعليم کان محروم آهن، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر  شهمير ڀٽو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري بند پيل اسڪول کولرائڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*