ڀارتي فوج هٿان شهيد ٿيل ڪشميري نوجوان برهان واني جي پيءُ مظفر واني چيو آهي ته سندس پٽ ڀارتي فوج ۾ شامل ٿيڻ جا خواب ڏسندو هو

burhan wani

ڀارتي فوج هٿان شهيد ٿيل ڪشميري نوجوان برهان واني جي پيءُ مظفر واني چيو آهي ته سندس پٽ ڀارتي فوج ۾ شامل ٿيڻ جا خواب ڏسندو هو، اُڙي حملي ۾ پاڪستان ملوث نه آهي، جيڪڏهن ڀارت الزام هڻي ٿو ته ويڙهاڪ سرحد پار ڪري اچن ٿا ته پوءِ سيل ڪيل سرحدن تي مقرر ڀارتي فوجي ڇا ڪري رهيا آهن؟

ڀارتي اخبار کي انٽرويو ڏيندي سرڪاري اسڪول جي پرنسپل ۽ برهان واني جي والد مظفر واني جو چوڻ هو ته 10 سالن جي عمر ۾ برهان ڀارتي فوج ۾ شامل ٿيڻ ۽ پرويز رسول جيان ڪرڪيٽر بڻجي ڀارتي ٽيم ۾ شامل جا خواب ڏسندو هو.

هن چيو ته هڪ استاد جي حيثيت ۾ هو شاگردن کي اها صلاح ڏيندو آهي ته اهي ڪشمير ايڊمنسٽريٽــِوَ سروس ۽ انڊيا ايڊمنسٽريٽر سروس ۾ وڃڻ لاءِ محنت ڪن.

مظفر واني جو چوڻ هو ته حريت ڪانفرنس پاران ڪوبه هڙتال جو سڏ نه ڏنو ويو آهي ۽ هو اهو به نٿا مڃين ته پرتشدد هڙتالون ٿين، ٻن مهينن دوران ڪشمير گهڻو ڪجهه وڃائي چڪو آهي، اسان مسئلن جو حل چاهيون ٿا ۽ اهو ڪشميري عوام تي آهي ته اها ڀارتي حڪومت توڙي رياستي حڪومت جون ڪهڙيون خاطريون چاهي ٿو.

برهان واني جي پيءُ جو چوڻ هو ته جيئن هن پنهنجا پٽ وڃايا آهن، تيئن ٻيا ڪشميري به پنهنجا گهر ڀاتي وڃائي چڪا آهن، هو ڪنهن به صورت ۾ ڪشميري نوجوانن کي هٿيار کڻڻ جي صلاح نه ڏيندو، پر ڪشميري چاهين ٿا ڀارت ۽ پاڪستان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪن.

هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ به امن چاهيون ٿا ۽ ڀارت ۾ به امن چاهيون ٿا، سڀ ڀارتي اسان جا ڀائر آهن ۽ سڀئي پاڪستاني به اسان جا ڀائر آهيان، ڪشميري هر پاڪستاني توڙي هر ڀارتي سان پيار ڪن ٿا .

اڙي حملي ۾ پاڪستان جي مبينا ملوث هجڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مظفر واني جو چوڻ هو ته حملي ۾ پاڪستان ڪيئن ٿو ملوث ٿي سگهي، ويڙهاڪ بڻجڻ کانپوءِ جيڪو به ڪشمير ۾ اچي ٿو اهو ڪشميري آهي، ڀارت جو مسلمان به اچي سگهي ٿو، اهو حملو ڪشميري ويڙهاڪ به ڪري سگهن ٿا.

هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ڪشمير تڪرار حل ڪيو وڃي، هي حملا ٿين ٿا، خبر نه آهي ته ڪٿان ويڙهاڪ اچن ٿا، جيڪڏهن سرحد پار مان اچن ٿا ته اتي مقرر ڀارتي فورس ڇا ٿي ڪري؟، بارڊر ته سڄو سيل آهي ته پوءِ پيمپور ۾ ويڙهاڪ ڪٿان داخل ٿيا، جيڪڏهن ڪنهن خلاف ڪو ثبوت آهي ته جاچ ٿيڻ گهرجي.

مظفر واني جو چوڻ هو ته برهان 5 آڪٽوبر 2010 ع تي ماءُ کي اهو ٻڌائي ٻاهر ويو هو ته هو پنهنجي دوستن سان ملڻ وڃي رهيو آهي پر هو واپس نه وريو ۽ کين خبر پئي ته هو ويڙهاڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي.

هن چيو ته جڏهن برهان 10 سالن جو هو ته ڀارتي فوج سندس ڳوٺ ۾ ويڙهاڪن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن ڪري رهي هئي ته برهان هڪ آرمي آفيسر کي چيو هو ته هو به فوج ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿو، کيس ڪيموفلاج جو گهڻو شوق هوندو هو.

هن چيو ته برهان ڪرڪيٽ جو به شوقين هو ۽ هو ڪرڪيٽر بڻجي ڀارت جي نمائندگي ڪري ها پاڪستان جي نمائندگي نه ڪري ها.

مظفر واني ٻڌايو ته سندس پٽ خالد واني کي ڀارتي فورسز اپريل 2015ع  ۾ ان وقت قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن هو پــِڪنڪ تي ويو هو، ڀارتي فوسز کيس تشدد جو نشانو به بڻايو هو، پوليس سمجهي پئي ته خالد پنهنجي ڀاءُ برهان سان ملڻ ويندو هو.

هن چيو ته جڏهن ڀڳت سنگهه انگريز راڄ خلاف  ويڙهه ڪري رهيو هو ته برطانيه کيس دهشتگرد سڏيندا هئا، پر ڀارت ثابت ڪيو ته هو آزادي لاءِ وڙهي رهيو هو، جڏهن ڪشمير تڪرار نبري ويندو ته ڀارت اهو مڃيندو ته برهان واني آزادي جو سپاهي هو.

مظفر واني چيو ته پاڪستاني وزيراعظم نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي برهان بابت جيڪو ڪجهه چيو هو ان جي ساراهه ڪري ٿو.

مظفر واني جو چوڻ هو ته سندس ٽيون پٽ پڙهي پڙهڻ چاهي ٿو ۽ هو پنهنجي ڌيءَ کي استاد بڻائڻ چاهي ٿو، کيس فخر آهي ته سندس شاگرد اهم سرڪاري نوڪرين ۾ آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*