سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته هــُو نواز شريف جي گهر نه ويندا

khi mola baksh

سڌ سماءُ واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته هــُو نواز شريف جي گهر نه ويندا، باقي عمران خان جي احتجاج جي حمايت ڪن ٿا، قومي سلامتي ۽ ملڪي مفادن واري معاملي تي سموريون پارٽيون هڪ پيج تي آهن، ماضي جي طاقتور جماعت متحده جا بنياد هاڻي لڏندي نظر اچي رهيا آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته پيپلزپارٽي جنگ جي حمايت نٿي ڪري، باقي پاڪستان جي سالميت لاءِ هــُو پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهن، ڇو ته جنگين ۾ فوج سان گڏ عوام به وڙهندو آهي.

هن چيو ته قومي سلامتي ۽ ملڪي مفاد واري معاملي تي سموريون پارٽيون هڪ پيج تي آهن، حڪومت ڪشمير مسئلي تي بهتر نموني آواز نه اٿاري رهي آهي.

مولابخش چانڊيو چيو ته شهيد بينظير ڀٽو به ڪشمير مسئلي جي حل کي ترجيح ڏني، بلاول ڀٽو زرداري به ڪشمير مسئلي کي بهتر نموني اجاگر ڪري پيو.

هن چيو ته نواز ليگ وارن عمران خان جي اڳوڻي زال جي گهر آڏو احتجاج ڪري اهڙي روايت پاڻ وڌي آهي، هاڻي کين برداشت ڪرڻ گهرجي.

مولابخش چانڊيو چيو ته هــُو نواز شريف جي گهر نه ويندا، باقي عمران خان جي احتجاج جي حمايت ڪن ٿا.

هن چيو ته عمران خان نئين پاڪستان جون ڳالهيون هاڻي ڪري رهيو آهي، سندن ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو اڳ ئي نئين پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*