دهشتگردي ٽوڙ عدالت 22 آگسٽ تي ملڪ دشمن تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي سميت ٽن ڪيسز ۾ خواجا اظهار الحسن جي 25-25 هزار رپين عيوض 5 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري

atc court

دهشتگردي ٽوڙ عدالت 22 آگسٽ تي ملڪ دشمن تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي سميت ٽن ڪيسز ۾ خواجا اظهار الحسن جي 25-25 هزار رپين عيوض 5 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

22 آگسٽ تي ملڪ دشمن تقرير ۽ ميڊيا هائوسز تي حملي وارن ٽن ڪيسز ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي جج سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر خواجا اظهار الحسن جي 5 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

عدالت خواجا اظهار الحسن کي ٽنهي ڪيسز ۾ 25-25 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

خواجا اظهار الحسن هڪ ڪيس ۾ پنهنجو بيان به رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ پوليس کيس ثبوت نه هئڻ تي آزاد ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*