ڪراچي شهر جو نظام ميئر کانسواءِ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ميونسپل ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ميئر جي غير موجودگي ۾ ڊپٽي ميئر سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪري سگهندو

mayor

ڪراچي شهر جو نظام ميئر کانسواءِ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ميونسپل ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ميئر جي غير موجودگي ۾ ڊپٽي ميئر سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪري سگهندو، مالي معاملن کي هاڻي ميونسپل ڪمشنر ۽ ڊي سي گڏيل طور ڏسندا.

انتظاميا ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کانسواءِ شهر جو نظام هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ميونسپل ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قانون موجب ميئر جي غير موجودگي ۾ ڊپٽي ميئر سربراهه جي حيثيت سان ڪم ڪري سگهي ٿو.

نوٽيفڪيشن موجب سنڌ لوڪل گورنمينٽ ڪائونسل ايڪٽ تحت سمورا معاملا هاڻي ڊپٽي ميئر ڏسندو، شهري معاملا هاڻي ميونسپل ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر گڏيل طور تي هلائيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*