ڪي ٽي اين نيوز تان رپورٽ نشر ٿيڻ کانپوءِ دل جي سوراخ ۽ جگر جي بيماري ۾ مبتلا بدين واسي ٻارڙَي ديدار جو وڏي وزير مراد علي شاهه سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي

Murad-Ali-Shah-3916

ڪي ٽي اين نيوز تان رپورٽ نشر ٿيڻ کانپوءِ دل جي سوراخ ۽ جگر جي بيماري ۾ مبتلا بدين واسي ٻارڙَي ديدار جو وڏي وزير مراد علي شاهه سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ويٺل بدين واسي چئن ورهين جي بيمار ٻارڙَي ديدار نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير ڊي سي ڏکڻ ڪراچي کي فوري طور تي پريس ڪلب پهچي ٻارڙَي ديدار جي والدين سان ملاقات ڪرڻ ۽ سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

دل جي سوراخ واري بيماريءَ ۾ مبتلا ٻارڙَي ديدار جي حوالي سان 4 ڏينهن اڳ ڪي ٽي اين نيوز تان رپورٽ نشر ٿي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*