وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سامهون اچي پاڪستان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي پر لڪي حملو ڪري سگهي ٿو

chodhary nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سامهون اچي پاڪستان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي پر لڪي حملو ڪري سگهي ٿو، دشمن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ اندر توڙي ٻاهر سڀني کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڪير جنگ چاهي ٿو ۽ ڪير امن، موديءَ جي تقرير سڀ ڪجهه واضح ڪري ڇڏيو آهي.

ٽيڪسلا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪ فوج ۽ قومي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي، ڪنهن جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون.

چوڌري نثار جو چوڻ هو ته اسان کي گهٽين ۾ به دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ الرٽ رهڻو پوندو ڇاڪاڻ ته ڀارت مقابلو ڪرڻ بدران لڪي حملو ڪري سگهي ٿو.

هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم جي تقرير دنيا ڏنهن واضح پيغام آهي ته ڪير جنگ چاهي ٿو ۽ ڪير امن جو خواهشمند آهي.

چوڌري نثار جو وڌيڪ چوڻ هو ته هيءُ وقت دشمن خلاف ملڪ اندر توڙي ٻاهر متحد ٿيڻ جو آهي.

هن چيو ته قوم ۽ پاڪ فوج ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي، تنهڪري ڪير غلط فهميءَ ۾ نه رهي پر سڀني کي هوشيار به رهڻ گهرجي.

چوڌري نثار جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ اسان کي فيئر گرائونڊ نه ٿو ملي ۽ ننڍي چونڊن دوران به ڌانڌلين جي الزامن کان بچڻ جي لاءِ فوج مقرر ڪري رهيا آهيون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*