لاڙڪاڻي شاهه بهارو ڪالوني مان 11 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويل، نينگر جو ڪوبه ڏس پتو نه مليو آهي، جنهن ڪري وارث ڏک ۾ ورتل آهن

larkana agwa

لاڙڪاڻي شاهه بهارو ڪالوني مان 11 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني گم ٿي ويل، نينگر جو ڪوبه ڏس پتو نه مليو آهي، جنهن ڪري وارث ڏک ۾ ورتل آهن.

شاهه بهارو ڪالوني مان پر اسرار نموني گم ٿي ويل 15 ورهين جي نينگر عارف شيخ جو  11 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر جي گمشدگي بابت پوليس کي آگاهه ڪيو ويو، پر پوليس اڃان تائين نينگر جو ڪوبه ڏس پتو ناهي لڳائي سگهي.

هنن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اعليٰ اختيارين کان نينگر جي فوري طور بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*