ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ٽِيسٽ کي يادگار بڻائي ڇڏيو

Virat-Kholi-27916

ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ٽِيسٽ کي يادگار بڻائي ڇڏيو آهي.

ڀارت ۽ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ انڊين ٽيم اسپنر ايشون ۽ رويندره جديجه جي شاندار بالنگ سبب نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 197رنز تان شڪست ڏئي، 500سو هين ٽيسٽ ميچ فتح حاصل ڪري ٽِيسٽ کي يادگار بڻايو.

ميچ ۾ ڪاميابي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي چيو ته آخري اننگ ۾ 430رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪيوي ٽيم کي جلد آئوٽ ڪرڻ ۾ ايشون ۽ رويندره جديجه اهم ڪردار ادا ڪيو.

ان موقعي تي ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو  ته ڀارتي ٽيم بهترين رانديگرن تي ٻڌل آهي ۽ انهن سٺي ڪارڪردگي جومظآهرو ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ڪنڊيشنز ۾ انڊين ٽيم جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته سيريز جي رهيل ٽيسٽ ميچز ۾ ٽيم سٺي پرفارمنس جومظاهرو ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*