ڪراچي جي شهرين ۽ چونڊيل نمائندن ڪي اليڪٽرڪ کي بدمست هاٿي قرار ڏيندي چيو آهي

nepra

ڪراچي جي شهرين ۽ چونڊيل نمائندن ڪي اليڪٽرڪ کي بدمست هاٿي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ گهٽ وولٽيج ۽ لوڊشيدنگ باوجود صارفين ڏانهن ڳرا بل موڪلي رهي آهي.

ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ نيپرا چيئرمين برگيڊيئر (ر) طارق سدوزئي جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ خلاف ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن توڙي چونڊيل نمائندن درخواستون پيش ڪيون.

شهرين شڪايتون ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي بجلي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، جنهن ڪري ٽيرف وڌائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي.

هنن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ گهٽ وولٽيج ۽ لوڊشيڊنگ باوجود ڳرا بل موڪلي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي ملازمن کي جبري برطرف ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*