پاڪستان خلاف رٿيل ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ 15رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

west-indies-27916

پاڪستان خلاف رٿيل ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز لاءِ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ 15رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيسن هولڊر ٽيم جي قيادت ڪندو.

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ٽيسٽ سيريز جي شروعات 13 آڪٽوبر کان ٿيندي، سيريزجي پهرين ٽيسٽ ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ جيسن هولڊر قيادت ڪندو، جڏهن ته  گريٿ بريٿ ويٽ نائب ڪپتاني جا فرَض نڀائيندو.

ٻين رانديگرن ۾ ديوندرا بشو، بليڪ ووڊ،ڪارلوس بريٿ ويٽ ، ڊيرن براوو، وٽون چيز،ميگوئل ڪمينز،شان ڊورچ، شينن گيبريل، شائي هوپ،ليئون جانسن،الزاري جوسف،مارلن سموئلز ۽ جومل واريڪن شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*