پاڪستان جي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٽيم اڄ جي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ٿي ويندي

Pakistan-Team-Coach-2016-2916

پاڪستان جي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ٽيم اڄ جي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ٿي ويندي.

گڏيل عرب امارات جي شهر ابوظهبي ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم گذريل ڏينهن هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف وزشون ڪرڻ بعد نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

پريڪٽس سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيو ته ويسٽ انڊيز خلاف کيڏي ويل ٻنهي ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ ٽيم ٽنهي شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو،جنهن سبب ٽيم کي ڪاميابي ملي.

هن وڌيڪ چيو ته اڄ جي ميچ ۾ به هو گهڻُو پراميد آهي ته ٽيم ڪاميابي ماڻي مخالف ٽيم کي وائيٽ واش ڪندي.

مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته ٽي-ٽوئنٽي ميچز ۾ ڪاميابي بعد سندن سموريون نظرون ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي کتل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*