پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽيئن ۽ آخري ميچ اڄ کيڏي ويندي

Pakistan-t20---27916

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽيئن ۽ آخري ميچ اڄ کيڏي ويندي،جنهن ۾ڪاميابي حاصل ڪري قومي ٽيم مهمان ٽيم کي وائيٽ واش شڪست ڏئي سگهي ٿي ٻئي طرف ويسٽ انڊين ٽيم جي ڪوشش هوندي ته وائيٽ واش شڪست کان بچي سگهن.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم سيريز پهرين ئي پنهنجي نالي ڪري چڪي.

دبئي ۾ کيڏي ويل پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم مخالف ٽيم کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني،جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ٽيم کي 16رنز تان فتح ملي.

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد باوجود ٽيم جي عالمي رينڪنگ ۾ ڪوبه فرق نه پيو آهي ۽ٽيم ستين نمبر تي موجود آهي، پر ڇهين نمبر تي موجود انگلش ٽيم سان پوائنٽس جو فرق گهٽجي ويندو.

جيڪڏهن ويسٽ انڊيز سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي وڃي ها ته ٽي-ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ٽيئن پوزيشن تي پهچي وڃي ها.

واضح رهي ته پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف ٻيون ڀيرو ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان کان پهرين 2013۾ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏي ويل سيريز ۾ پاڪستان فتح حاصل ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*