امريڪي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ شامل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار هيلري ڪلنٽن پهرين ٽي وي بحث مباحثي ۾ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏئي ڇڏي

US-presidential-debate-27916

امريڪي صدارتي چونڊن جي ڊوڙ ۾ شامل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار هيلري ڪلنٽن پهرين ٽي وي بحث مباحثي ۾ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي شڪست ڏئي ڇڏي،  امريڪي ٽي وي پولز موجب هيلري ڪلنٽن مباحثي ۾ هيلري ڪلنٽن کي 62 ۽ ڊونلڊ ٽرمپ کي 27 سيڪڙو ووٽ مليا.

ريپبلڪن پارٽي جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته امريڪا ۾ نوڪريون ختم ٿي رهيون آهن، سڀني کي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، هــُو ڪامياب ٿي ٽيڪس ختم ڪرڻ لاءِ منصوبن تي ڪم ڪندو.

هن چيو ته هــُو توانائي کي بهتر استعمال ڪرڻ وارو ماڻهو آهي، امريڪي ڪمپنيون ملڪ ۾ روزگار ختم ڪري رهيون آهن.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سائبر ڪرائيم جي حوالي سان روس تي الزام لڳي رهيا آهن، داعش سربراهه بغدادي جي پويان وڃڻ جي ضرورت آهي، داعش کان تيل کسيو وڃي ته ڪجهه نه ڪري سگهندي.

ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار هيلري ڪلنٽن چيو ته سندس پارٽي معيشت کي مختلف رخن کان ڏسي رهي آهي،  غريبن جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ اميرن تي ٽيڪس لڳائڻ گهرجي، ڪاروبار ۾ منصفاڻو رويو اختيار ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته بندوق جو ڪلچر ختم ڪرڻو پوندو، داعش کي ختم ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪري ڇڏي آهي، ابوبڪر بغدادي جي پٺيان ائين ئي وڃڻو پوندو، جيئن اسامه بن لادن جو پيڇو ڪيو.

هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ عورتن جي حوالي سان غلط خيال رکي ٿو ۽ سندس سوچ اميرن واري آهي، سندس منصوبا غير منصفاڻا آهن، هو ڪاروباري ذهنيت رکندڙ ماڻهو آهي.

هيلري ڪلنٽن چيو ته هــُو آرام سان نه ويٺا آهن، ڪابه رياست سائبر حملو نٿي ڪري سگهي، کين 8 سال اڳ واري طرز زندگيءَ تي سوچڻو پوندو، سندس خواهش آهي ته شاگردن کي قرض ڏيڻ بدران بهتر تعليم ڏني وڃي.

آمريڪي ميڊيا موجب صدارتي چونڊن جي پهريون بحث مباحثو ڊيموڪريٽڪ پارٽي هيلري ڪلنٽن کٽي ورتو، جنهن 62 سيڪڙو ووٽ کنيا ۽ ڊونلڊ ٽرمپ رڳو 27 سيڪڙو ووٽ کڻي سگهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*