آمريڪي پرڏيهي ترجمان مارڪ ٽونر چيو آهي ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جهڙو ٿي وڃي ۽ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن کي تباهه ڪري

Mark-Toner-Us-27916

آمريڪي پرڏيهي ترجمان مارڪ ٽونر چيو آهي ته آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جهڙو ٿي وڃي ۽ دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن کي تباهه ڪري .

واشنگٽن ۾ خطاب ڪندي آمريڪي نائب پرڏيهي ترجمان مارڪ ٽونر جو چوڻ هو ته پاڪستان روس، آمريڪا  ڀارت فوجي مشقون ڪرڻ جو مقصد ڪنهن گريٽ گيم جو حصو ناهن.

پرڏيهي نائب ترجمان چيو ته ڀارت سان گهرا ٻه طرفا ۽ ويجها لاڳاپاآهن ۽ ان سان سڪيورٽي تعاون کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون .

مارڪ ٽونر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت قيادت جي وچ ۾ هلندڙ بيان بازي کان باخبر آهيون،نئي دهلي ۽اسلام آباد وچ ۾سڌي ريت ڳالهيون ڪرڻ جي حوصلاافزائي ڪنداسين .

هن  چيو ته ٻنهي ملڪن  وچ نرمي ۽ عملي تعاون سان پاڪ ڀارت مفاد ۾آهي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ڪارروايون ڪندڙ گروپن خلاف اثرائتي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

آمريڪي پرڏيهي نائب ترجمان جو  چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان ڪاميابيون حاصل ڪري رهيو آهي .

مارڪ ٽونر وڌيڪ چيو ته چاهيون ٿاته پاڪستان دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جهڙو ٿئي ۽ انهن جي محفوظ ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ جي طاقت حاصل ڪري ……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*