سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن اقليتي ميمبر سنتوش ڪمار جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ، بلوچستان اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن جي اقليتي ميمبر سنتوش ڪمار جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سنتوش ڪمار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته کيس پارٽي ڊسپلين جي ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو ويو آهي پر سندس موقف ناهي ٻڌيو ويو.

عدالت، سنتوش ڪمار جي اليڪشن ڪميشن خلاف درخواست منظور ڪندي سندس ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي.

عدالت، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*