ڪنٽرول لائين ويجهو سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ ڀارت اڄ واهگه بارڊر وٽ جهنڊا لاهڻ واري تقريب ملتوي ڪري ڇڏي

Wagah-14816

ڪنٽرول لائين ويجهو سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ ڀارت اڄ واهگه بارڊر وٽ جهنڊا لاهڻ واري تقريب ملتوي ڪري ڇڏي، پاڪ رينجرز جو چوڻ آهي ته تقريب معمول موجب ٿيندي، سرجيڪل اسٽرائيڪ وارين خبرن بعد ڀارت جي اسٽاڪ ايڪسچينج به ڪريش ٿي وئي.

وائڙپ جو شڪار ٿيل ڀارت اڄ واهگه بارڊر تي جهنڊو لاهڻ واري رٿيل تقريب ملتوي ڪري ڇڏي.

پاڪستان رينجرز جو چوڻ آهي ته واهگه بارڊر تي جهنڊو لاهڻ واري تقريب معمول موجب ٿيندي، تقريب ملتوي ڪرڻ بابت ڀارت کين آگاهه نه ڪيو آهي.

ٻئي پاسي ڀارت جي سرجيڪل اسٽرائيڪ وارين ڪوڙين دعوائن کانپوءِ ڀارت جي اسٽاڪ ايڪسچينج به ڪريش ٿي وئي.

ڀارتي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 550 پوائنٽس جي لاٿ سبب ڀارتي واپارين کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهتو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*