ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط کي فوري طور ملڪ ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن

abdul basit، جڏهن ته عبدالباسط ڌمڪين بابت ڀارت جي پرڏيهي وزارت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، ڀارت جي جنگي جنون کانپوءِ ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط کي اڻڄاتل ماڻهن پاران فون ڪري فوري طور ملڪ ڇڏڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالباسط ڀارت جي پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪري ڌمڪين بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي شرپسندن پاران عبدالباسط کي ڌمڪيون ڏيڻ کانپوءِ هاءِ پرڏيهي وزارت جو عملو غير محفوظ بڻيل آهي، پر ڀارتي سرڪار ڪي به قدم ناهن کنيا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*