حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي سڪرنڊ پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو آهي

sikard prymi joro

حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي سڪرنڊ پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو آهي ته کين ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم تحت مارجڻ جو خدشو آهي ان ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سڪرنڊ ڳوٺ ٻاجھي چانڊيو جو رهواسي  جوڙي ارباب علي چانڊيو ۽ سندس گھرواري عائل چانڊيو  چيو ته هنن پسند جو پرڻو ڪيو آهي.

ان موقعي تي  عائل چانڊيو  چيو ته  مائٽ زبردستي سندس شادي  وڏي عمر جي شخص سان ڪرائڻ پئي چاهي، ان ڪري مائٽ ارباب علي سان نڪري پسند جي شادي ڪئي آهي.

جوڙي چيف جسٽس ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*